ريلوي حادثا ۽ زميني حقيتقون

تحرير: ايم فاروق ٻرڙو

دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ تيز رفتار ٽرينيون ھلي رھيون آھن، ٽرين ۾ ويٺل ڪو به مسافر جيڪڏهن پاڻيءَ جو ڀريل گلاس ھٿ جي تري تي رکي تڏهن به ان گلاس مان پاڻي جو ھڪ ڪتڙو يا ڦڙو به ھيٺ نه ڪرندو آھي، جڏهن ته اسان وٽ چڱو ڀلو صحتمند مسافر ڪنھن به ريل گاڏي ۾ ويهه يا پنجويهه ڪلو ميٽرن جو سفر ڪري ٿو ته لھڻ وقت ھن جا لڱ ئي ھلڻ کان لاچار ٿيو پون، اسان کي گورو-انگريز ريلوي جو ھڪ شاندار سرشتو حوالي ڪري ويو هو، اسان شاندار ان حوالي سان چئي رهيا آهيون ته انگلينڊ ۾ ريل گاڏين جا جيڪي پليٽفارم آهن اھي اسان جي ملڪ جي ريلوي اسٽيشنن جھڙا آھن، جڏهن ته انگريزن انھن ئي پليٽ فارمن کي جديد شڪل ڏيئي اڄ به انھن مان ئي ڪم ڪڍي رھيا آھن، جڏهن ته اسان پاڪستان جي حصي ۾ ايندڙ علائقن ۾ وڇايل ريلوي پٽڙين کان وٺي پليٽ فارمن تائين ريلوي جي پلين کان وٺي ان جي سنگل واري سرشتي تائين جيتوڻيڪ اسان اڄ به انھن کان ئي ڪم وٺي رهيا آهيون ته ٻئي طرف اسان ريلوي جي سڄي سسٽم کي ڏينھون ڏينهن محدود ڪندا پيا وڃون، ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ ھلندڙ فيڊر گاڏين کي بند ڪري ريلوي کي اربين کربين جو آمدني کان محروم ڪري گڏوگڏ ان جي تنصيبات ۽ ملڪيتن کي تباھ ڪرڻ ۾ به وسان نه گهٽايو آهي،

ھن وقت حالت آهي جو سڄي ملڪ ۾ فيڊر گاڏيون بند ٿيڻ ڪري انھن گاڏين جي لاءِ جوڙيل ريلوي اسٽيشنن ملازمن جي جوڙيل ڪوارٽرن ۽ ھر اسٽيشن تي جوڙيل وڏن وڏن گدامن مان ھڪ به شيءِ سلامت نه بچي آهي، مطلب ته ريلوي جو کاتو ڏينھون ڏينهن پنھنجا پساھ  پورا ڪندو نظر اچي رهيو آهي، جيئن ته ايوب خان جي دور تائين ملڪ ۾ ٻن بجيٽن جو اعلان ڪيو ويندو ھو ھڪ بجيٽ جو تعلق ملڪ جي پوتا ميل سان ھوندو ھو ته ٻي بجيٽ ريلوي لاءِ ڌار پيش ٿيندي ھئي، تن ڏينهن ۾ ريلوي جو کاتو ڪمائڻ ۾ سڀ کان اڳڀرو نظر ايندو هو، ريلوي جي ڌار بجيٽ پيش ٿيڻ جي ڪري اھا ڳالھه آساني سان معلوم ٿي ويندي ھئي ته ريلوي ڪھڙي حال ۾ آھي، اسان انگريزن جي ريلوي جي انجنيئرن کي ان لحاظ سان به داد ڏيڻ تي مجبور آھيون ته انھن اسان جي نفسيات کي آڏو رکي ريلوي جون انسٽاليشن عمارتن فرنيچر کان ويندي پليٽ فارمن تائين ھر ڳالھ بابت اھو سوچي ڪم ڪيو ته ائين نه ٿيئي جو عام ماڻهو ريلوي جا ٽين ٽپڙ کائي وڃن، ان سلسلي ۾اسان جڏهن ريلوي اسٽيشن تي ان دور جو جيڪو به فرنيچر ڏسون ٿا اھو ايترو ته ڳرو نظر اچي ٿو جو ھڪ ٽيبل کي سرڪائڻ لاءِ به ٽي چار ماڻھن جي ضرورت پئي ٿي، ساڳي طرح اسان جڏهن ريلوي جون پليون ڏسون ٿا ته اتي به اسان کي ايئن نظر اچي ٿو ته ڪنهن به پل ۾ نٽ بولٽ استعمال ڪيل نظر نه ٿا اچن مثال طور ڪوٽڙي جي پل ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي ڪو نٽ بولٽ استعمال ٿيل آهي، جڏهن ته سڄي پل ۾ ريپٽ استعمال ٿيل آهي ته جيئن ڪو شاھينگ نٽ بولٽ کولي ڪوٽڙي جھڙيون پليون ٽين دٻي واري کي ڏيئي ڳڙ داڻي وٺي کائي کپائي نه ڇڏين، اسان اھا ڳالهه ان حوالي سان لکي آهي ته انگريز جھڙو سرشتو اسان جي حوالي ڪري ويا ھئا، اسان جيڪڏهن ان سرشتي جي صحيح نموني سار سنڀال ڪندا اچون ھا ته ريلوي جو سرشتو اڄ به اسان کي لاڀ ڏيندو نظر اچي ھا،

جڏهن ته اسان جي ريلوي جون پٽڙيون ناڪارا ٿي چڪيون آهن سگنل سسٽم ڪنھن وقت ڪم ڪري ٿو ته ڪنهن وقت نه ٿو ڪري اسان وٽ اڄ به مدي خارج طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا، مثال طور ميرپورخاص کان ڪراچي ڏينهن ويندڙ مھراڻ ايڪسپريس کي جيڪا صبح جو 4 وڳي ميرپورخاص کان نڪرندي آهي ان کي سج اڀرڻ تائين رستي ۾ ايندڙ اسٽيشنن تي باھ جو وڏو شعلو ڏيکاري ڊرائيور کي لائين ڪليئر ھجڻ جو اشارو ڏنو ويندو آهي، اسان اھو رڳو ويجھو مثال ڏنو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ٻيا ڪھڙا مدي خارج طريقا استعمال ٿيندا ھوندا تنھن بابت جيڪڏهن لکڻ ويھجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن، ھن وقت ريلوي جي ڪنهن به اسٽيشن تي پيئڻ جو پاڻي دستياب ناھي، ريلوي جي اسٽيشن جي آس پاس وارين آبادين کي اسٽيشن انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ريلوي جي بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو بل ريلوي کي ئي ڀرڻو پئي ٿو، سڄي ملڪ ۾ ريلوي جا سوين ڦاٽڪ اھڙا آھن جن تي ڪو به ڦاٽڪ وارو مقرر ناهي ۽ کليل ھجڻ ڪري ننڍا ننڍا حادثا معمول بڻيل آهن، جڏهن ته سال ۾ ھر ٻئي ٽئين ڏينهن ڪو نه ڪو ننڍو وڏو حادثو ضرور پيش اچي ٿو، چيو وڃي ٿو ته 2018ع کان ھيل تائين ڪيئي درجن حادثا ٿي چڪا آهن، جن ۾ سوين ماڻهو پنھنجيون جانيون ضايع ڪري چڪا آهن، جڏهن ته زخمي ٿيل به ڄڻ ته مئل ئي آھن جن کي سڄي زندگي معذوري واري حالت ۾ گذارڻو آهي،

تازو ته ڏھرڪي ويجهو ٻن ٽرينن کي خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنھن ۾ ھنن ڪالمن لکجڻ حادثي جو سبب ته ظاهري طرح ڪراچيءَ کان سرگوڌا ويندڙ ملت ايڪسپريس جو پٽڙين تان ڏھ بوگيون لھڻ ٻڌايو پيو وڃي جيڪي بوگيون پاسي ۾ وڇايل ٻي پٽڙي تي وڃي ڪريون جڏهن ته ان پٽڙي تي سر سيد ايڪسپريس ڪراچي طرف وڃي رھي ھئي، جيڪا پٽڙي تي ڪريل بوگين مٿان چڙھي وئي، اھڙي قسم جو حادثو اڳ به ائين ئي پيش آيو ھو جنھن ۾ ھڪ ٽرين پٽڙي تان لهڻ کانپوءِ ان جا دٻا ٻي پٽڙي تي وڃي ڪريا ھئا ۽ ان پٽڙي تي ايندڙ ٽرين انھن ڪريل بوگين سان ٽڪرائجي وئي، اسان ھتي سکر جي ڊي ايس ريلوي جي ان رپورٽ کي اھم سمجهون ٿا، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته اسان اڳ ئي نشاندهي ڪئي ھئي ته 17 اھڙا ھنڌ آھن جن بابت ڪي بندوبست نه ڪيا ويا ته پوءِ ڪو به وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو، اسان وفاقي سرڪار کي صلاح ڏيون ٿا ته سنڌ ۾ موجود ريلوي اسٽيشنن سميت ريل جي پٽڙين ۽ انسٽاليش جي نئين سر جاچ ڪري اطمينان ڪرڻ گھرجي ته جيئن اڳتي اھڙن خوفناڪ حادثن کان بچي سگهجي ۽ مسافرن جون زندگيون محفوظ ڪري سگھجن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.