زوال پذير سياسي جماعتون

تحرير: نسيم بلوچ

سياسي جماعتون جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي وقت سان گڏ نه وٺي هلنديون، هلندڙ وقت سان گڏوگڏ پنهنجو سياسي جائزو وٺڻ کان لاچار رهنديون، آئين ۽ منشور کي وسا ري ان تي عمل نه ڪنديون، سياسي نظرين ۽ فڪرن کي پس منظر ۾ ڌڪي ڇڏينديون، انهن منجهه راءِ جي اظهار جي ڪا اهميت نه رهندي، جمهوريت رڳو انهن لاءِ خواب بڻجي ويندي، تنقيد تعميريءَ بجاءِ منفي رخ اختيار ڪري ويندي، شخصيت پرستيءَ جي اوسر ٿيندي، پارٽين اندر سياسي سوال منصب ۽ شخصيت سان مربوط ٿي ويندا، پارٽين اندر احتسابي عمل کي معيوب سمجهيو ويندو، ڪارڪنن جي خدشن ۽ اختلافن کي ڪابه اهميت نه ڏني ويندي، منشور ۽ آئين کان منحرف سياسي اڳواڻن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي ته اهڙي صورتحال ۾ اها ڳالهه يقيني آهي ته انهن پارٽين کي وقت جون بي رحم موجون پاڻ سان لوڙهي ڇڏينديون، حالتن جي سختي انهن جي وجود کي رجائي ڇڏيندي ۽ اهڙيون پارٽيون پنهنجي اصل جوڙجڪ ۽ صورت مٽائي ڪنهن نئين روپ ۾ نروار ٿينديون ۽ پوءِ اهڙين پارٽين لاءِ پڪ سان چئي سگهبو ته اهي پارٽيون اصل پارٽيون نه رهيون آهن، جيڪي اڳ هونديون هيون.

اهڙي صورتحال ۾ اهي پارٽيون بظاهر ته عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ جنگ ڪرڻ جا اعلان ڪنديون رهن ٿيون سياست ۾ به انهن ڪردار انتهائي سرگرم رهي ٿو پر پوءِ اهڙي افسوس جوڳي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي جو عوام انهن پارٽين تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو. اهڙيون پارٽيون عوام جي ڏک، مسئلن ۽ تڪليفن کي محسوس ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن ۽ انهن پارٽين اندر پڻ اختلاف  ڪر کڻڻ لڳندا آهن ۽  مختلف قسم جا انتشار پيدا ٿيندا رهندا آهن، جڏهن پارٽيون اهڙي منزل تي پهچنديون آهن تڏهن اهي پنهنجا مجموعي قومي مقصد پورا ڪرڻ ۾ انتهائي بدترين نموني ناڪام ٿينديون آهن.

جڏهن سياسي پارٽين جو زوال ٿئي ٿو ته انهن وٽ انتهائي غضب جي بي حسي پڻ جنم وٺي ٿي، انهن کي اهو به احساس نه ٿو رهي ته انهن ڪارڪنن جي قدر ۽ منزل ڪهڙي هجڻ گهرجي جيڪي پنهنجا زندگيءَ جا انتهائي سهڻا ۽ خوبصورت ڏينهن عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ انهن پارٽين ۾ هڪ ڪارڪنن جي طور تي پنهنجي زندگي ارپي ڇڏين ٿا، اهي پنهنجي اڳواڻ جي هڪ اشاري تي تيز ۽ تکي اس ۾ ۽ سرد راتين ۾ پارٽين جا ارپلي ڪم ، جلسا جلوس ۽ احتجاج ڪن ٿا ڪڏهن ته اهڙين سرگرمين ۾ ڪيترائي بدنصي سياسي ڪارڪن موت جو شڪار پڻ ٿي وڃن ٿا. جڏهن ته اهي سمورا ڪارڪن جن ۾ نوجوان ۽ پڪي عمر جا ماڻهو به شامل آهن اهي سمورا جا سمورا پنهنجي پارٽيءَ جي اصولن، فڪر ۽ نظرين تي قائم رهڻ لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندا آهن.

پر جڏهن اهي پارٽيون اقتدار جي مسند تي پهچن ٿيون تڏهن انتهائي افسوس جوڳي صورتحال اها ٿي پيدا ٿئي ته اهي پارٽين پنهنجن انهن ڪارڪنن کي ئي وساري ٿيون ويهن جن جي قربانين ڪري ئي اهي پارٽيون ڪامياب ٿيون آهن ۽ انهن جي قيادت اقتدار جي مسند تي ويهندا آهن، اهڙي مجموعي صورتحال جو هڪڙو انتهائي افسوس جوڳو پاسو اهو به آهي ته جڏهن اهي پارٽيون ڪامياب ٿين ٿيون تڏهن ڪي نااهل پارٽي اڳواڻ اقردار جي مسند تي ويهن ٿا ۽ پنهنجن انهن ئي ڪارڪنن کي نظر انداز ڪري انهن جو استحصال ڪرڻ لڳندا آهن. اهي اڳواڻ اهي به وساري ويهندا آهن ته سندن ئي پارٽيءَ جا اڳواڻ ڪهڙي نموني نه اعلى جمهوري قدر قائم ڪري چڪا آهن، اصولن ۽ ميرٽ جو ڪهڙي نموني نه وقار بلند ڪندا رهندا رهيا آهن، پر اهڙا بي حس  اڳواڻ هر جمهوري قدر ۽ مثبت سياسي روايتن کي مليا ميٽ ڪري سموري احتسابي عمل کي اپاهج ڪري ، پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي نظر انداز ڪري اڳتي ئي وڌندا رهندا آهن، اهڙا ئي اڳواڻ ڪنهن جي به پڇا ڳڇا کان نه ڊڄندا آهن ۽ نه ئي وري اهڙي پنهنجو پاڻ کي ڪنهن جي اڳيان جوابدار سمجهندي آهي.

عوامي سياست ۽ عوام جو ڀلو اهڙن سياستدانن جي اوليت نه هوندي آهي، هو ته سياسي پارٽين کي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ طور استعمال ڪندا آهن، ۽ مٿي چڙهڻ بعد هو جهڙي طرف به چاهين ان طرف وڃڻ سگهن ٿا کين ڪوبه روڪي نه ٿو سگهي.اهڙن سياسي اڳواڻن جون بدعنوانيون ۽ ڪرپشن اڪثر ڪري پڌري ٿي پوندي آهي، پر هو پوءِ به نڪ جي پڪائيءَ سان ڪابه ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو سياسي ڪارڪن انهن کان ڪو به سوال ڪري ته هو ڪارڪنن ئي کي نيچ ۽بيڪار ظاهر ڪندا آهن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ئي سست،  ۽ ڪرپٽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙن ئي اڳواڻن جي ڪري پارٽين جي ڪارڪنن جو ڪنڌ جهڪيل رهندو آهي ، پر بدقسمتي اها آهي ته انهن اڳواڻن تي ڪابه تنقيد نه ٿي ڪري سگهجي ۽ بدقسمتيءَ سان اهي ئي پارٽيءَ جي قيادت جي رتبي تي رهندا آهن.

اهڙي صورتحال نه رڳو بلوچستان جي سياسي پارٽين سان آهي پر مجموعي طور تي ملڪ جي ٻين وڏين پارٽين ۾ پڻ موجود آهي. بلوچستان جي حوالي سان پڻ سياسي پارٽين جي صورتحال اهڙي ئي آهي جنهن جي ڪري اڪثر پارٽين جا پڙهيل لکيل نوجوان پارٽين جي غلط پاليسين ڪري مايوسيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ انهن سياسي ڪارڪنن ۾ سياسي بيگانگي جنم وٺي ٿي جيڪا نتيجي طور تي عوامي ۽ سياسي ويڳاڻپ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اڪثر نوجوان پارٽين جي اهڙي روش ڪري حقيقي سياسي جماعتن بجاءِ پوءِ اهڙين سياسي قوتن جي ور چڙهي وڃن ٿا جيڪي هڪ وڏي عرصي کان وٺي بلوچستان جي عوام تي پاڻ ئي جبر ڪنديون رهن ٿيون. سياسي حوالي سان اها ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته نو جوان جن پارٽين ۾ پنهنجيون زندگيون ۽ توانايون ڏين ٿا اهي ئي پارٽيون انهن جي روشن مستقبل جون ذميوار هونديون آهن پر اها ڳالهه افسوس  سان چوڻي ٿي پئي ته اهي پاڙٽيون نوجوانن کي سياسي رتبو ڏيڻ ۾ بدترين نموني ناڪام ثابت ٿيون آهن.

هاڻي صرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي پارٽين وقت ۽ حالتن جي آڌار تي پنهنجي جانچ وٺن ۽ حالتون جائزو وٺن. آئين ۽ منشور کي مقدم رکن سياسي ڪارڪنن جي تربيت، رهنمائي ڪن ۽ انهن جي عزت ۽ وقار کي قائم رکن، نوجوانن جي همت افزائي ڪن پارٽين اندر بدعنوان اڳواڻن جي احتساب ڪن، اظهار جي آزاديءَ کي مقدم بڻائين، پارٽين اندر تعميري تنقيد کي جڳهه ڏين ، جموريت ۽ جمهوري قدر کي وڌائين، سياسي ڪلچر کي ترقي ڏيارين ته جيئن اهي پارٽيون قومي ۽ جمهوري مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.