عالمي منڊي ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ کاڌي پيتي جون شيون هن وقت مسلسل مهانگيون ٿي رهيون آهن، پاڪستان به دنيا کان جدا نه آهي، پر اسان وٽ هتي قيمتون وڌڻ جي شرح نه رڳو دنيا کان گهٽ آهي پر في ڪس آمدني ۾ اضافي مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪيو آهي، ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته ان ڪامياب جو بنيادي سبب ڪورونا وائرس جو ڪاميابي سان مقابلو ڪرڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.