بحريا ٽائون معاملي تي اردو ميڊيا جي بليڪ آئوٽ گهڻا سوال اٿاري ڇڏيا: سينئر صحافي/تجزئي نگار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صحافين ۽  تجزئي نگارن  چيو آهي ته بحريا ٽائون جي معاملي تي اردو ميڊيا مجموعي طور تي خاموش ۽ بحريا واقعي تي بليڪ آئوٽ گهڻا سوال اٿاريا آهن ته اها ميڊيا ڪيتري آزاد آهي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه عوامي آواز ميڊيا گروپ سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيئر صحافي مظهر عباس چيو  ته بحريا ٽائون خلاف احتجاج کي ڪوريج نه ڏيڻ صحافتي اصولن جي خلاف  آهي ۽ ميڊيا تي واقعاتي خبر نه هجڻ صورت ۾ ميڊيا هائوسز تي سوال اٿندا آهن.هن وڌيڪ چيو ته بحريا ٽائون سميت ٻين زمينن جي معاملن ۾ وڏي ڳڙٻڙ آهي، ميڊيا جا ادارا اشتهار ملڻ تي خاموش آهن ۽ حقيقت تي ٻڌل خبرون روڪي وٺندا آهن، صحافين کان وڌيڪ ميڊيا  جي مالڪن جي ذميواري آهي ته اها آزادي اظهار کي يقيني بڻائين. پروفيسر توصيف احمد چيو  ته بحريا ٽائون هڪ مافيا آهي، هي فراڊي ادارو آهي، پ پ حڪومت بحريا کي مفت ۾ زمينون ڏنيون ۽ پوليس تحفظ فراهم ڪيو، بلوچن ۽ سنڌين کان زمينون کسيون ويون،  ان تحت سموري پلاننگ ڪئي وئي ۽ سبز باغ ڏيکاري عوام کان لکين رپيا ورتا ويا آهن پر جهڙي طرح جا خواب هئا ان تحت پلاٽ نه مليا آهن، هن چيو ته بحريا ٽائون خلاف 7 کان 8 سالن کان جدوجهد هلي پئي، عوام جي احتجاج دوران بحريا ۽ پوليس جي ماڻهن سميت ڪجهه ٻيا ماڻهو آهن، جن هنگامو ڪرايو، حيرت  ايم ڪيو ايم تي آهي جنهن اردو ۽ سنڌين جو مسئلو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو منصوبو ته پنڊي وارن جو آهي. هن چيو ته بحريا معاملي ۾ ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، پاڪ سرزمين ، پ پ سڀ گڏ ٿي ويا آهن، ڪراچي واسين جا حق کسي بحريا کي ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته بحريا ٽائون جو ميڊيا ادارن تي  قبضي سبب ميديا  پاليسين تي اثرانداز  ٿي رهي آهي ان سلسلي ۾ صحافتي تنظيمن  کي آواز اٿارڻ گهرجي،  صحافي ۽ اينڪر پرسن منظور شيخ چيو ته رائيٽ ٽو انفارميشن جو حال توهان بحريا ٽائون جي معاملي تي نظر اچي ويو آهي.هن چيو ته پوليس بحريا ٽائون معاملي تي غير ذميواري ڏيکاري وڳوڙين کي نه روڪيو، هن چيو ته اردو ميڊيا جا پنهنجا مفاد آهن، سنڌي ميڊيا زمينن تي قبضن جو معاملو اٿاريو آهي.سينيئر صحافي عبدالخالق  علي چيو ته ميڊيا ملڪ رياض پاران خريد ڪيل آهي  ڪجهه انگريزي ۽ سنڌي ميڊيا ۾ بحريا ٽائون معاملي آواز اٿاريو  ويو آهي اردو ميڊيا خاموش هئي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي  آواز زبردست اٿاري ويو آهي. هن چيو ته بحريا ٽائون  سان جعلسازي ۾ سنڌ حڪومت به شامل آهي، سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي بهتر نه آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.