ممبئي ۾ تيز برساتن سبب رهائشي عمارت ڪِري پئي، 11 ڄڻا فوت

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ممبئي ۾ تيز برساتن سبب هڪ رهائشي عمارت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.

مهاراشٽرا رياست جي تخت گاهه ممبئي ۾ مسلسل تيز برساتن سبب عمارت ڪرڻ جو اهو واقعو اربع ۽ خميس جي وچين رات پيش آيو.

واقعي ۾ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ڍير مان جيئرو ڪڍيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.