فردوس معافي وٺي ته معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: قادر مندوخيل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قادر مندوخيل چيو آهي ته جيڪڏهن فردوس عاشق اعواڻ معافي وٺي ته مان کيس معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

ٽاڪ شو ۾ جهيڙي جي ويڊيو تي ردعمل ڏيندي قادر مندوخيل چيو ته فردوس عاشق اعواڻ سان پهريون ڀيرو ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ ٿيو هيس، هوءَ ڪنهن کي به ڳالهائڻ ناهي ڏيندي، مان اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي جو هن کي ڪاوڙ لڳي.

سندس موجب شو دوران فردوس چيو ته توهان ڪرپشن ۾ ٻڏا پيا آهيو، جنهن تي مون کيس چيو ڪرپٽ ته توهان آهيو، ان ڪري ئي توهان کي وزارت تان هٽايو ويو، جنهن تي هوءَ گارگند تي لهي پئي، مون چُپ رهيس، هن چماٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، وري پيالو هڻڻ چاهيو، مون دروازو بند ڪري جان ڇڏائي.

هن چيو ته غلطي مڃڻ بدران عدالت وڃڻ هٺ کانسواءِ ڪجهه ناهي، مان به قانون رستو اختيار ڪرڻ جو حق رکان ٿو، جيڪڏهن فردوس عاشق اعواڻ معافي وٺي ته مان کيس معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.