ڪلڀوشن تي عالمي عدالت جو فيصلو اثرائتو بڻائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل منظور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ نظرثاني حل جو بل آرڊيننس 2020 اڪثريتي منظور ڪري ورتو.

ان بل جي منظوري سان سڀني پرڏيهين کي فوجي عدالتن جي سزا خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جو حق ملي ويندو، ان قانون سان پاڪستان ۾ فوجي عدالت مان سزا ماڻيندڙ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جو حق ملي ويندو.

ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت قانون سازي تي ايوان ۾ اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي.

قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته ڪلڀوشن کي ن ليگ جي دور ۾ قونصلر پهچ نه ڏني وئي، عالمي عدالت واضح طور تي قانون آڻڻ جو چيو آهي، جيڪڏهن بل پاس نه ٿئي ها ته ڀارت گڏيل قومن ۾ هليو وڃي ها ۽ عدالت عدالت ۾ توهين جو ڪيس داخل ڪري ها.

سندس چوڻ هو ته اهو قانون اپوزيشن کي پاڪستان جي مفاد ۾ گڏجي منظور ڪرائڻ گهربو هو پر اپوزيشن اڄ ڀارتي مقصد پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.