دارا واهڻ: سينئر صحافي جي گهران چوري ۽ حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا

شاه لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ آدم خان مهراڻي ۾ سينيئر صحافي عبدالستار مهراڻي جي گهر چار ڏينهن اڳ چور داخل ٿيا هئا ۽ ٻڪريون ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي ، گهر ڌڻي سجاڳ ٿيڻ تي چور ٻڪريون ڇڏي فرار ٿي ويا هئا، چورن جا پيرا کڻڻ ۽ نشاندهي کانپوءِ به چورن گهر تي حملوڪيو جنهن جو ڪيس شاه لطيف ٿاڻي تي جوابدارن مٿان داخل ڪرايو ويو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، صحافي  برادري پاران سپريم ڪورٽ آف پاڪستان،سنڌ هاء ڪورٽ سکر، وڏي وزير ، آء جي سنڌ آر پي او سکر، ڊي آء جي سکر ،ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي وئي  تہ جوابدارن کي گرفتار ڪري سينيئر صحافي کي تحفظ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.