پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جواحتجاجي مارچ ٽنڊو غلام حيدر پهتو،ڀرپور آجيان

ضلعو بچايو تحريڪ طرفان بدين ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعي ۾ پاڻي جي هٿرادو شديد کوٽ خلاف بدين مان نڪتل پيادل مارچ جو مختلف هنڌن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٽنڊوغلام حيدر جي فتح خان اسٽاپ، ڍوڪيا واھ،شاھ واھ اسٽاپ،انصاري شگر مل کان المدينه هوٽل باءِ پاس وٽ پهتو جتي ڀرپور آجيان ڪئي وئي ، ان موقعي تي اڳواڻن مير نوراحمد ٽالپور،عزيزالله ڏيرو ،سيد خدا ڏنو شاه، عبدالغفور چانڊيو،سائين بخش لغاري،عبدالله چانڊيو،اعجاز احمداڻي خطاب ڪندي چيو ته بدين ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن اندر پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي،لاڙ پٽ جون سرسبز زمينون پاڻي جي ڏڪار سبب بنجر بڻجي ويون آهن،هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب هتان جي چوپائي مال سميت پکي به اڃ وگهي تڙپي رهيا آهن،سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ سيڊا جي غلط پاليسين سبب آبادگار طبقو هن وقت سخت متاثر بڻيل آھي،هنن حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته فوري طور پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.