راڄو خاناڻي: پاڻي کوٽ خلاف هارين جو مارچ ماتلي پهتو،شٽربندهڙتال،ريلي

بدين ضلعي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ھارين سياسي سماجي ادبي مذهبي تنظيمن سميت سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ضلعو بچايو ڪميٽي جي سڏ تي بدين ضلعي ھيڊ ڪوارٽر کان حيدرآباد تائين اعلانيل بدين بچايو تحريڪ طرفان پيادل مارچ تلھار پھتو جتان ٻيھر مارچ تلهار جي انصاري شگر مل جي گيٽ وٽ تلهار جي آس پاس جي علائقن راڄوخاناڻي شهر مان ڪيترين ئي گاڏين تي ٻڌل ريلي شامل ٿي جنهن ۾ واپاري ايسوسيئيشن راڄوخاناڻي ھندو پنچائت ۽ راڄوخاناڻي جي سياسي سماجي ادبي مذهبي تنظيمن جا نمائندا شامل هئا ، تلهار ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ضلعو بچايو تحريڪ جي سڏ تي بدين ضلعي جي شهر تلھار ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي،  باواني شگر مل کان مير نوراحمد ٽالپر، خدا ڏني شاه, خاڪي جاني نظاماڻي امير آزاد پنهور عزيز ڏيرو لکي جمالي محمد حنيف نظاماڻي محمد حسن جعفري خليل ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو. جنهن ۾راڄوخاناڻي واپاري ايسوسيئيشن راڄوخاناڻي سياسي سماجي ادبي مذهبي اتحاد.ھندو پنچائت. قومي عوامي تحريڪ، مرزا گروپ، پ پ شھيد ڀٽو، شيعه علماءِ ڪائونسل، جميعت علماءِ اسلام، سني تحريڪ، پ ٽ الف جي اڳواڻن ۽ ٻين  شرڪت ڪئي جنهن کانپوءِ بدين بس اسٽاپ، ٽنڊوباگو تلھار مين روڊ بند ڪري مظاهرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بدين ضلعي جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي جنهن سان بدين ضلعي جو عوام معاشي طور ڪنگال بڻجي ويو آھي، هتان جا ماڻهوتوڙي جانور پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهن ، لکين ايڪڙ زرعي زمينون  بنجر بڻجي ويون آھن ،سيڊا بدين پاڻي جي کوٽ ۽ چوري ۾ مک جوابدار آهي، جنهن کان پوءِ پيادل مارچ پھنجي منزل ماتلي شهر ڏانهن روانو ٿيو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.