جسقم اڳواڻ امجد مهيسر ۽ ٻيا 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان گرفتار جسقم اڳواڻ امجد مهيسر سميت 30 ڪارڪنن کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

پوليس قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هٿڪڙيون لڳائي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو،

ان موقعي تي جسقم جي وائيس چيئرمين امجد مھيسر ۽ ٻين چيو ته تھ اسان ڪا بھ ڀڃ ڊاهه نھ ڪئي، بحريا ٽائون اڳيان پرامن ڌرڻو ھنيو ويو، لکين ماڻھو ڏسي انتظاميا جا ھوش خطا ٿي ويا.

هنن چيو تهسازش تحت بحريا ٽائون ۾ باھه لڳائي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان سوڌو ڪيترن ئي ڪارڪنن کي بيگناهه کنڀيو ويو، ڊڄڻ وارا ناھيون.

عدالت امجد مهيسر سميت 30 ڪارڪنن کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.