ڏهرڪي:پورهيت جي زمين تي قبضي جي ڪوشش،جهيڙو7 ڄڻا زخمي، احتجاج

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ حاجي فيض محمد سميجو ديهه ڏيراوڙو ۾ غريب پورهيت جي 6 ايڪڙ زمين تي مبينه قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ، سميجو برادري جي بااثر ڌر طرفان ٻه سومڻ ڪڻڪ جي لاباري کي روڪيو ويو، جنهن دوران جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، زخمين ۾ عبدالستار سميجو ، ابوزر سميجو ، عبدالمالڪ سميجو ، اسلام دڳن سميجو ، مير حسدن سميجو  سميت چار عورتون به شامل آهن ،احتجاج ڪندڙن ۾ عبدالستار سميجو ، عبدالغني سميجو ، نور محمد سميجو ، مير حسن سميجو ، سڪندر سميجو  ، مسمات بختياور سميجو ، مسمات صوبي سميجو شامل هيون ، سندن چوڻ هو ته اسان جي 6 ايڪڙ زمين تي علاقي جي بااثر شخصيت جي آشرواد تي سميجو برادري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏني آهي ، هننن چيو ته اسان جا 7 گهر ڀاتي جهيڙي ۾ سخت زخمي آهن پر افسوس کينجو پوليس انهن جي فرياد وٺڻ لاءِ به تيار نه آهي ، هنن چيو ته اسان جي زمين تي هٿياربند ويهاريا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته انهن جي زمين تان هٿياربندن کي اٿاري کين تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.