غوثپور:تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ روڊ ڪراس ڪندڙ نوجوان فوت

غوثپور شھر جي مين بس اڏي تي تيز رفتار ٽرڪ روڊ ڪراس ڪندڙ نوجوان کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ راجه بجاراڻي جو رھواسي 30 ورھين جو نوجوان ميرل عرف ميرحسن لاشاري چيڀاٽجي فوت ٿي ويو۔ واقعي بعد بس اڏي تي موجود سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا ۽ ٽرڪ ڊرائيور کي روڪي پوليس حوالي ڪيو ويو۔ فوتي نوجوان جي وارثن واقعي واري ھنڌ پھچي سندس مڙھ کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر غوثپور آندو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو۔ ٻئي پاسي فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.