شهدادپور: اضافي ڪرايو وٺندڙ وين گاڏين خلاف آپريشن،21500 ڏنڊ وصول

شهدادپور ۾ وين ٽرانسپورٽرز جي ڏاڍائين خلاف عوامي آواز ٽي وي رپورٽر پاران سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي سانگهڙ کي شڪايتي درخواست تي هالا روڊ تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، ان فٽ گاڏين ۽ اضافي ڪرايو وصول ڪندڙ وين وارن کان مجموعي 21500 ڏنڊ وصول ڪيو ويو. سيڪريٽري پاران مجموعي طور تي 26 گاڏين کان ڏنڊ وصول ڪيو ، ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ جاويد عباس وين مسافرن کي اضافي ڪرايو به واپس وٺرائي ڏنو ۽ مسافرن کي پنهنجو نمبر به ڏنو تہ جيڪڏهن وين وارا اضافي ڪرايو وصول ڪن يا پر سيٽ 3 ماڻھن کان وڌيڪ ويهارين تہ ان نمبر تي شڪايت ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.