قادر مندوخيل سان جهيڙي تي فردوس عاشق اعواڻ وضاحت ڏئي ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نجي ٽي وي چئنل جي ٽاڪ شو ۾ قادر مندوخيل سان بحث جو رڳو هڪ رُخ ڏيکاريو پيو وڃي.

ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قادر مندوخيل ڪِريل ٻولي استعمال ڪيو، جنهن کي ويڊيو جو حصو نه بڻائي هڪ طرفي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي.

هن دعويٰ ڪئي ته قادر مندوخيل نه رڳو کيس پر سندس مرحوم پيءَ کي به گاريون ڏنيون، پنهنجي دفاع ۾ مون کي انتهائي قدم کڻڻو پوندو، قادر مندوخيل جي رويي ۽ عمل خلاف جلد قانوني ڪارروائي ڪنديس.

فردوس عاشق اعواڻ نجي ٽي وي چئنل کي درخواست ڪئي ته معاملي جي مڪمل ويڊيو سامهون آندي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.