پاڪ – چين لاڳاپن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگاري سڪو جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ – چين لاڳاپن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگاري سڪو جاري ڪيو ويو.

سڪو جاري ڪرڻ جي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپا دنيا ۾ مثالي آهن، چين سدائين ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پاڪستان ون چائنا پاليسي تي سختي سان ڪاربند آهي.

سڪو جاري ڪرڻ جي تقريب ۾ چيني سفير نوگ رونگ، اسٽيٽ بئنڪ گورنر رضا باقر به شرڪت ڪئي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ٿيندڙ يادگاري سڪي جي ماليت 70 رپيا آهي، جيڪا پاڪ – چين سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.