ڪراچي ۾ نگليريا سبب هلندڙ سال پهرين فوتگي سامهون اچي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نگليريا سبب هلندڙ سال پهرين فوتگي سامهون آئي آهي.

صوبائي صحت کاتي موجب 30 ورهين جو فوتي شخص محمد علي قائدآباد، ملير جو رهواسي هو، کيس 2 جون تي نگليريا جي تصديق ٿي ۽ اڄ لاڏاڻو ڪري ويو.

ماهرن موجب نگليريا صاف پاڻي ۾ واڌ ويجهه ڪندڙ جراثيم آهي، جيڪو نَڪ ذريعي انساني دماغ کي کائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن سان انسان فوت ٿي وڃي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته نگليريا وات ذريعي دماغ تائين نٿو پهچي سگهي، نه ئي جراثيم کاري پاڻي ۾ جيئرو رهي سگهي ٿو، نگليريا کان بچاءَ لاءِ پاڻي ۾ ڪلورين جو 50 سيڪڙو هجڻ ضروري آهي.

ماهرن موجب گهرن ۾ موجود ٽائنڪين کي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڀيرا صاف ڪيو وڃي، ڪلورين جي گورين جو استعمال ڪيو وڃي، پيئڻ ۽ وضو لاءِ پاڻي کي 100 ڊگري سينٽي گريڊ تي اُٻارڻ نگليريا جي خاتمي جو سبب بڻجي ٿو.

ماهرن چيو آهي ته شهرين کي نگليريا کان بچاءَ لاءِ واٽر بورڊ پاڻي ۾ ڪلورين جي گهربل مقدار کي يقيني بڻائي، ان کانسواءِ سوئمنگ پول ۾ ترڻ دوران احتياطي طور نَڪ پاڻي ۾ نه ٻوڙيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.