ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر جاويد لطيف جيل مان آزاد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ايم اين اي جاويد لطيف کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي.

جاويد لطيف جي ضمانت ايڊيشنل سيشن جج گذريل ڏينهن منظور ڪئي هئي، سندس آزادي لاءِ ٻن ضامنن 2-2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرايا.

واضح رهي ته جاويد لطيف تي رياست مخالف بيان جي الزام ۾ ٽائون شپ ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.

جاويد لطيف جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست تي ڪُل 4 ٻڌڻيون ٿيون، کيس 27 اپريل تي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.