سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن وڏي لاٿ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ اندر سون اگهن ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به وڏي لاٿ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 900 لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 10 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 770 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 94 هزار 480 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 16 ڊالر گهٽجي 1876 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.