ٻاهرين ملڪ ويندڙن ۽ حاجين کي فائزر ويڪسين نه لڳائڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ٻاهرين ملڪ ويندڙ پاڪستانين ۽ حاجين کي ڪورونا وائرس جي فائزر ويڪسين نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

صحت بابت وفاقي وزارت جي اختيارين موجب ڪوويڪس معاهدي تحت فائزر ويڪسين رڳو گهٽ مدافعتي قوت وارن ماڻهن کي لڳي سگهي ٿي ۽ اها ويڪسين ٻاهرين ملڪ ڪم ڪار، تعليم ۽ حج تي ويندڙن کي نه لڳائي سگهبي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته حڪومت فائزر رڳو گهٽ مدافعي قوت وارن ماڻهن کي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو فيصلو ڪوويڪس سان معاهدي کي ڏسندي ڪيو ويو آهي.

صحت واري وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ڪووڪس معاهدي جي پاسداري ڪرڻ جو پابند آهي، فائزر ويڪسين گهٽ مدافعي قوت وارن ماڻهن کي لڳائي ويندي، جڏهن ته دائمي مرضن جو شڪار ماڻهو به ويڪسين لڳرائي سگهندا.

واضح رهي ته ان کان اڳ حڪومت اعلان ڪيو هو ته فائزر ٻاهرين ملڪ ورڪ ويزا، تعليم لاءِ ويندڙ ماڻهن ۽ حاجين کي لڳائي ويندي، ڇو ته سعودي عرب ۽ گهڻن ملڪن ٻاهرين ملڪن کان ايندڙن لاءِ چيني ويڪسين جي منظوري ناهي ڏني، جيڪا پاڪستان ۾ لڳائي پئي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوويڪس تحت پاڪستان کي فائزر ويڪسين جون هڪ لک کان وڌيڪ خوراڪون مليون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.