ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 76 فوتگيون، 1303 نوان ڪيس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 76 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.1 سيڪڙو رهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 824 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 1303 جو نتيجو هاڪاري آيو، هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 76 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 21 هزار 529 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ 9 لک 37 هزار 434 آهي، جن مان 8 لک 71 هزار 669 صحتياب ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.