گهوٽ کي گُٽڪو کائيندي ڏسي ڪنوار شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گهوٽ کي گٽڪو کائيندي ڏسي ڪنوار شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

اهو انوکو واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پيش آيو، جتي هڪ شادي تقريب لاءِ سموريون تياريون مڪمل هيون ۽ ڪنوار جا گهر ڀاتي ڄڃ جي انتظار ۾ هئا.

ڄڃ پهچندي ئي جتي سڀ خوش ٿي ويا، اتي ئي وري ڪنوار جو موڊ خراب ٿي ويو ۽ هن شادي روڪرائي ڇڏي.

ميڊيا رپورٽن موجب شادي جي موقعي تي جڏهن ڪنوار جي نظر گهوٽ تي پئي ته هو گٽڪو کائي رهيو هو، جيڪا ڳالهه هن کي نه وڻي ۽ هن اتي ئي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪنوار جا گهر ڀاتي کيس راضي ڪرڻ ۾ مصروف رهيا پر هن ڪنهن جي هڪ نه ٻڌي ۽ شادي روڪرائي ڇڏي، پوءِ ٻنهي خاندانن طرفان هڪٻئي کي ڏنل تحفا به واپس ورتا ويا ۽ ڄڃ موٽي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.