ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن خلاف سخت قدم کڻڻ تي غور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن خلاف سخت قدمن تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب ويڪسين نه لڳرائيندڙن جي آفيسن ۽ ريسٽورنٽس ۾ داخلا تي پابندي جي تجويز آهي، جڏهن ته اهڙن ماڻهن جو موبائل سِمز به بلاڪ ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن لاءِ اهي تجويزن وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ غور هيٺ اينديون، جنهن ۾ وزيراعظم ۽ ڪابينا جي منظوري سان حتمي فيصلو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.