ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي ۾ڳوٺاڻن پاران گيس پائيپ لائين انتظاميا خلاف احتجاج

ڏھرڪي ويجهو رهڙڪي ۾ گيس پائيپ لائين انتظاميا زمين جو معاوضو گهرندڙ ڳوٺاڻن کي هراسان ڪرڻ لڳي ڳوٺ تي پوليس ۽ نجي ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن جي چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو، ڳوٺاڻن بلاول چاچڙ. محمد عيسيٰ چاچڙ. عبدالطيف چنو خالد رهڙ احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پائيپ لائين ڪمپني زمين جو معاوضو گهرڻ تي اسان کي پوليس ۽ بااثرن معرفت حراسان ڪري رهي آھي. هنن ٻڌايو ته گئس پائيپ لائين ڪمپني علائقي ۾ ڪيترن ئي غريب ماڻھن کي معاوضو ناهي ڏنو ۽ معاوضو گهرندڙن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، هنن ٻڌايو ته جيڪڏھن اسان کي زمينن جو جائز معاوضو نه ڏنو ويو ته اسين ڪنهن به صورت ۾ گئس پائيپ لائين جو ڪم ڪرڻ ڪون ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.