حيدرآباد: اٽلس هنڊا ڪمپني پاران موٽرسائيڪل هلائيندڙن کي آگاهي

ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ جي هدايتن ۽ ڊي ايس پي حامد ڀرڳڙي جي رهنمائي سان موٽر سائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني اٽلس هونڊا پاران ٽريفڪ پوليس سان گڏجي موٽر سائيڪل هلائيندڙ شهرين کي سائيڊ جي شيشن جي اهميت ۽ روڊ تي موٽر سائيڪل هلائڻ جي قانوني اصولن بابت آگاهي ڏني وئي، جنهن دوران شهرين کي موٽر سائيڪلن ۾ سائيڊ وارا شيشا پڻ لڳائي ڏنا ويا. ان موقعي تي اٽلس هونڊا ڪمپني جي ريجنل مينيجر ڪليم الله شيخ، ايس او امداد علي مري، انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ ۽ ٻين چيو ته موٽر سائيڪل ۾ سائيڊ وارا شيشا لڳائڻ تمام گهڻو ضروري آهي. هنن چيو روڊ ڪراس ڪرڻ وقت سائيڊ وارا شيشا نه هجڻ ڪري پوئتي نهارڻو پوي ٿو، جنهن ڪري حادثا پيش اچن ٿا، ان لاءِ ضروري آهي ته موٽر سائيڪل هلائيندڙ شهرين کي سائيڊ وارا شيشا لازمي طور تي لڳرائڻ گهرجن. هنن چيو ته شهر ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ وقت ان جي اسپيڊ گهٽ ۾ گهٽ 30 رکڻ گهرجي ته جيئن حادثي جي صورت ۾ پنهنجي جان جي حفاظت ڪري سگهجي. هنن چيو ته پاڪستان اندر دنيا ۾ ڇهين نمبر تي روڊ حادثن جي ڪري انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون ، جنهن جو ڪارڻ روڊ تي گاڏي هلائڻ جي قانون ۽ اصولن جي ڄاڻ نه هجڻ آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته شهرين کي ان بابت آگاهي ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.