ٽنڊو محمد خان: مبينا مقابلو،هڪ ڏوهاري سوگهو، 4فرار،پسٽل ۽ 6 موٽرسائيڪلون هٿ

ٽنڊو جان محمد پوليس  جو گشت دوران 190 ويندڙ لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مبينا مقابلو ٿي پيو،  مبينا مقابلي دوران 4 ڏوهاري فرار ٿي ويا، پوليس هڪ ڏوهاري  کي پسٽل ۽ ٻن موٽر سائيڪلن سميت گرفتارڪري ورتو، گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ انعام يافته ڌاڙيل انور عرف بگهڙ ۽ اشرف خاصخيلي جي ڀاڻيجي رمضان خاصخيلي طور ٿي آهي، گرفتار جوابدار رمضان جي  نشاندهي تي مختلف جاين تي پوليس ڪارروائي ڪري چوري ٿيل اٺ موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون، گرفتار جوابدار تي ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاء تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڏوهارين جو هڪ ٽولو نئون ڪوٽ جهڏو ۽ ٽنڊو جان محمد جي حدن ۾ ڪيتري عرصي کان ڏوھ ڪري رهيو هو، پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪري هڪ ڏوهاري کي پسٽل ۽ موٽر سائيڪلن سميت سوگهو ڪيو جڏهن ته 4 ڏوهاري فرار ٿي ويو، گرفتار جوابدار رمضان خاصخيلي جو ڪرمنل رڪارڊ آهي،جوابدار تي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.