فردوس عاشق اعواڻ ٽاڪ شو دوران قادر مندوخيل کي چماٽ وهائي ڪڍي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ هڪ ٽاڪ شو دوران سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل سان هٿين پئجي وئي ۽ کيس چماٽ به هنئي.

نجي ٽي وي جي پروگرام ”ڪل تڪ“ جي هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فردوس عاشق اعواڻ ۽ قادر مندوخيل ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي.

پروگرام ۾ ن ليگ جي عظميٰ بخاري پڻ موجود هئي، جڏهن ته فردوس عاشق اعواڻ ۽ قادر مندوخيل هڪٻئي تي تنقيد ڪئي ۽ ڳالهه ايتري وڌي وئي جو ٻئي هٿين پئجي ويا، ان دوران فردوس عاشق اعواڻ قادر مندوخيل کي چماٽ وهائي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.