نيب ٽيم سيوهڻ پهتي، بچاءُ بند جو معائنو

ڀان سيدآباد ( ن ع آ )ڀان سيدآباد شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ قائم ڪورونا وئڪسينيشن سينٽر تان ڪورونا کان بچاء بابت  وئڪسين ختم ٿي وئي آهي، ڊي ايڇ او ڄامشورو پاران گهٽ تعداد ۾ وئڪسين ملڻ سبب وئڪسين جلد ختم ٿي وئي آهي. جنهن جي ڪري وئڪسين ڪرائڻ لاء پهتل ڪيترائي شهري توڙي سرڪاري ملازم واپس روانا ٿي ويا آهن. ، ڪيترائي شهري وئڪسين ڪرائڻ لاء سيوهڻ جي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز روانا ٿي ويا،ان سلسلي ۾ ڀان سيدآباد اسپتال انتظاميہ جو چوڻ هيو تہ وئڪسين ختم ٿي وئي آهي، اختيارين کي آگاهي ڏني آهي، سڀاڻي (اڄ) خميس ڏينهن تائين وئڪسين اچي ويندي جنهن بعد عوام کي وئڪسين ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.