ميرپورساڪري ۾آبادگار اتحاد جو پاڻي کوٽ ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف مارچ، ڌرڻو

ميرپور ساڪرو (رپورٽ: عبدالرزاق ڪلمتي) ميرپور ساڪري جي آبادگار اتحاد پاران سب ڊويزن ساڪري ۾ پاڻي جي کوٽ سم  نالين جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ آبادگارن تي آبپاشي انتظاميا پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ٻھارا شھر کان 10 ڪلو ميٽر  پيادل مارچ ڪري ميرپور ساڪرو پھتا جتي ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي پاڻي کوٽ خلاف شديد نعري بازي ڪئي وئي.  انهيَ موقعي تي آبادگار اڳواڻن وحيد رند عبدالرزاق ڪلمتي قادر موليپوٽو ڌڻي بخش لاشاري عبدالغني عباسي اياز لاشاري صاحب خان ڪلمتي علم دين رند بولا لاشاري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته سب ڊويزن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي ساريال جو ٻيجارو سڙي تباه ٿي ويو آهي شھري ۽ ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي ھنن چيو ته سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ جر کارو ٿي ويو نلڪا کارو پاڻي ڏئي رھيا آهن ھنن چيو ته سنڌ سرڪار ھتان جو پاڻي بند ڪري معاشي حالتون خراب ڪري ھتي جي زمينن تي ذولفقارآباد جھڙا منصوبا اڏڻ چاهي ٿي ھنن چيو ته ٺٽو ضلعو پوڇڙ ۾آهي پر ٺٽي ضلعي جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي تلائن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي ھنن چيو ته گذريل چئن مھينن کان پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي پاڻي ڦڙي لا ماڻهوَ ترسي رھيا آهن ھنن چيو ته انجنيئر رحيم قريشي ۽ ايس ڊي او ديدار بليدي پاڻي شاخن ۾ نه ھجڻ باجود احتجاجي تحريڪ ھلائندڙ آبادگارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رھيا آهن ھنن چيو ته انجنيئر  آبپاشي ۽ ڊريـنج جون ٻئي چارجون رکي ٿو پر سم نالين جي کانٽي ناهي ڪرائي وئي ايندڙ برساتن ۾ وڌيڪ نقصان جو خدشو پڻ موجود آهي ھنن چيو ته انجنيئر جي ڪرايل ڪمن جي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جاچ ڪرائي وڃي سوين آبادگارن ڌرڻي ھڻڻ کانپو اعلان ڪندي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽن ڏينهن اندر سب ڊويزن ساڪرو جي سمورين شاخن ۾ پاڻي ٽيل ڪرائي انجنيئر رحيم قريشي ۽ ايس ڊي او ديدار بليدي کي ھٽائي آبپاشي جا نوان آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.