باقراڻي لڳ نينگر شاخ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ قادر بخش ڀٽو واسي 8 سالن جو نينگر مرسلان بروهي ڳوٺ ڀرسان ارٿر شاخ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي  ويو جنهن جو لاش ڳوٺاڻن پاڻي جي شاخ مان ڪڍي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته مرسلان ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي شاخ ۾ وهنجڻ لاءِ ويو جتي هو ٻڏي ويو اطلاع تي کيس بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.