پي ايس ايل 6 جون رهيل ميچون ابوظهبي ۾ شروع، پهريون مقابلو لاهور جي نانءُ

 

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 15هين ميچ ۾ لاهور قلندرز دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسلام يونائيٽيڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستان سپر ليگ 6 جي رهيل ميچن جي شروعات ابو ظهبي ۾ ٿي وئي آهي ۽ پهرين لاهور قلندرز اسلام يونائيٽيڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.

دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسون ٺاهيون، فهيم اشرف 27 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو.

جواب ۾ لاهور قلندرز گهربل هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري بال تي حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي.

لاهور قلندرز طرفان ڪپتان سهيل اختر 40 رنسن سان اڳڀرو رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.