صحت جي شعبي لاءِ گهٽ بجيٽ عوام دشمني جي انتها آهي: بلاول ڀٽو زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف اسيمبلي ميمبرن کي خوش ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ 68 ارب رپيا ۽ وبا کان بچاءَ لاءِ رڳو 5 ارب رپين جا فنڊ رکڻ عوام دشمني جي انتها آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته بجيٽ ۾ صحت لاءِ رڳو 30 ارب رکڻ جو مطلب عوام کي ڪورونا وائرس ڏانهن ڌڪڻ آهي، صحت جي شعبي لاءِ گهٽ بجيٽ مان واضح ٿي ويو ته پي ٽي آءِ حڪومت وٽ صحت پهرين ترجيح ناهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن کي خوش ڪرڻ لاءِ 68 ارب ۽ ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ صرف 5 ارب رپيا رکڻ عوام دشمني آهي، جڏهن ته تعليم جي بجيٽ 5.5 سيڪڙو رکڻ عوام سان مذاق برابر آهي.

بلاول ڀٽو زرداري، عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن روڊ ٺاهڻ سان ملڪ ترقي نه ڪندو ته پوءِ حڪومت ترقياتي بجيٽ ۾ 38 سيڪڙو اضافو ڇو ڪيو؟ صحت ۽ تعليم جي اڻپورن منصوبن جي افتتاح سان عمران خان جي نااهلي لڪي نٿي سگهي، سليڪٽڊ وزراعظم هڪ سليڪٽڊ بجيٽ ٺاهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

پ پ قومي اقتصادي ڪائونسل جي فيصلن تي خدشن جو اظهار ڪندي قومي بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڌيڪ فنڊ رکڻ جو مطالبو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.