آبادگار اتحاد پاران پاڻي کوٽ خلاف نڪتل لانگ مارچ ميرپور ساڪرو پھچي ويو

آبادگار اتحاد پاران پاڻي کوٽ خلاف نڪتل لانگ مارچ ميرپور ساڪرو پھچي ويو ،سوين آبادگار 10 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ساڪري پھچي ويا، آبادگارن جو چوڻ هو ته پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، سب تعلقي ساڪري ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري مال متاع اڃ وگھي مري رھيو آهي،  سامونڊي پٽي ۾ جر کارو ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري هو به کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن،  ھنن چيو ته ساريال جو ٻيجارو سڙي رک ٿي ويو آهي پر پاڻي ڦڙي لاءِ ماڻهوَ ترسي رھيا آهن ۽ آبپاشي انجنيئر ۽ ايس ڊي او احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪر هيسائي رھيا آهن، ھنن مطالبو ڪيوضض ته فوري انجنيئر رحيم قريشي  ايس ڊي او ديدار بليدي کي ھٽايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.