ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر،ماءُ پٽ فوت

ٽنڊوغلام حيدرڀرسان جنجهي بس اسٽاپ حيدرآباد_بدين روڊ تي تيزرفتار ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽنڊوغلام علي واسي موٽرسائيڪل سوار 20 سالن جو نوجوان منصور احمد آرائين چيڀاٽجي فوت ۽ سندس امڙ فرحت آرائين سخت زخمي ٿي پئي ، اطلاع تي حد جي متارو پوسٽ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمي عورت ۽ فوتي جو لاش سرڪاري اسپتال ٽنڊوغلام حيدر پهچايو جتان زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال پهچايو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، ٻئي طرف فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،هوڏانهن متارو پوسٽ پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڊرائيور فرار ٿي ويو،جڏھن ته نوجوان پٽ ۽ ماءُ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ آخري اطلاع تائين حادثي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.