اوٻاوڙو: نوجوان ڌنارجي الزام ۾ 10 ڄڻن تي ڪيس داخل،گرفتاري لاءِ مظاهرو

اوٻاوڙو ڀرسان راونتي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ محبوب سيلرو ۾ شر ڌانڌو خوني تڪرار تان ٻه ڏينهن اڳ شهر برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان ڌنار اجمل ڌونڌو جي مامي  علي نواز ڌانڌو جي فرياد تي شر برادري جي ڏهن ماڻهن  تي ڪيس   داخل ڪيو ويو جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ فوتي نوجوان جي وارثن عورتن مردن معصوم ٻارڙن سان گڏ علي نواز ڌانڌو الهڏيوايو ڌانڌو، جيوڻ ڌانڌو  ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته شر برادري جي هٿياربندن اسان جي نوجوان کي ناحق قتل ڪيو ۽ اسان جو چوپايو مال به ڪاهي ويا آهن، ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود راونتي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري اسان جي گهر ۾ اڃان تائين روڄ راڙو متل آهي ، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آئي جي سکر، آئي جي سنڌ  کي اپيل ڪئي ته انهن جي نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري انهن جو ڦريل چوپايو مال به واپس ڪرائي ڏنو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.