افغانستان ۾ بارودي سرنگهه صاف ڪندڙ ڪارڪنن تي حملو، 10 ڄڻا مارجي ويا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ بارودي سرنگهه صاف ڪندڙ ڪارڪنن تي حملي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿي پيا.

افغانستان جي اتر صوبي بغلان ۾ ٿيل هڪ وڏي حملي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين جا انگ اکر ڪابل ۾ افغان گهرو وزارت اربع ڏينهن جاري ڪيا.

گهرو وزارت جي بيان موجب بارودي سرنگهه صاف ڪندڙ ڪارڪنن جي هڪ ڪئمپ تي اڱاري جي رات حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿيا.

افغان اختيارين ان حملي جو ذميوار طالبان عسڪريت پسندن کي قرار ڏنو آهي پر طالبان ترجمان هڪ ٽوئيٽ ۾ ان حملي جي مذمت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.