مردان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت لاءِ مقرر 2 اهلڪار شهيد

 

مردان (ويب ڊيسڪ)  مردان ۾ اڻچاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت لاءِ مقرر ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

پوليس اختيارين موجب اهلڪار رضا علي شاهه ۽ شاڪر پوليو ڊيوٽي ختم ڪري واپس وڃي رهيا هئا ته موٽر سائيڪل سوارن مٿن فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.

فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻئي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي ريسڪيو ۽ پوليس جي ٽيمن پهچي سندن مڙهه اسپتال منتقل ڪيا.

ڊي ايس پي جو چوڻ هو ته پوليس علائقي جو گهيرو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.