خورشيد شاهه جي پٽ کي ٽن ڏينهن ۾ عدالت سامهون سرينڊر ڪرڻ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي پٽ فرخ حبيب کي ٽن ڏينهن ۾ عدالت سامهون سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي، جنهن کانپوءِ عدالت کيس ٽن ڏينهن ۾ احتساب عدالت سامهون سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ٻڌڻي دوران فرخ شاهه جي وڪيل فاروق نائيڪ سوال اٿاريو ته نيب جاچ مڪمل ڪري ورتي، فرخ شاهه کي گرفتار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ملڪيت رکڻ ڪو ڏوهه ناهي.

نيب جي وڪيل چيو ته فرخ شاهه جاچ ۾ سهڪار نه ڪيو، نيب اپريل 2020 کان سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.

جسٽس سردار طارق ريمارڪس ڏنا ته طلعت اسحاق ڪيس ۾ ضمانت جا پيراميٽر طئي ٿي چڪا ۽ عدالت ڪيس جي پيراميٽرز کان ٻاهر نٿي وڃي سگهي، نيب کي ضمني ريفرنس داخل ڪرڻو آهي، ٻڌايو ضمانت جي درخواست تي ميرٽ تي فيصلو ڏيون يا توهان درخواست واپس وٺڻ چاهيو ٿا.

عدالت جي پڇاڻي تي فاروق نائيڪ چيو ته مان ضمانت جي درخواست واپس ٿو وٺان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.