عورت هڪ ئي وقت 10 ٻار ڄَڻي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

 

پريٽوريا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي عورت هڪ ئي وقت 10 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب 37 ورهين جي گوسيامي ٿمارا نالي عورت جو آپريشن ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن جا 7 پٽ ۽ 3 ڌيئريون پيدا ٿيون.

گوسيامي ٿمارا هڪ ئي وقت 10 ٻار ڄڻي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو آهي، ان کان اڳ اهو رڪارڊ مراڪش جي حليمه نالي عورت وٽ هو، جنهن 9 ٻارن کي جنم ڏنو هو.

گوسيامي ٿمارا پنهنجي مڙس سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ٻار ڄمڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان 6 سال اڳ به جاڙا ٻار ڄَڻيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.