اڳڙا:سنڌو درياءَ جي بچاءُ بندن تي حددخلين خلاف آپريشن ،20 گهر ڊاهي پٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ سيد ارباب علي شاهه روينيو عملو، انڪروچمينٽ فورس، پوليس انتظاميه ۽ ڳري مشينري ساڻ ڪري اڳڙا  ۾ سنڌو درياءَ جي بچاءُ بندن تي آپريشن جاري رکندي غيرقانوني طوراڏايل 20 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن الهه بخش ٻڌ، بشارت ٻڌ، مجيد ٻڌ، بلاول، شهزادو، دريا خان، محمد ايوب، ٻڌ ادريس چنه  طالب حسين چنه ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته ابن ڏاڏن کان گهر جوڙي هتي رهندڙ آهيون، انتظاميه بغير اطلاع جي پوليس ۽ ڳري مشينري ساڻ ڪري اسان جا گهر ڊاهي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ لکين رپين جو نقصان پڻ ڪيو آهي. غريب پورهيت آهيون، مزدوري ڪري ٻچن جو گذرسفر ڪندا آهيون. متاثرن ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪري ۽ گهرن لاءِ متبادل پلاٽ ڏنو وڃي ته جيئن اجها اڏي سگهون. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي بچاءُ بندن ۽ قبرستانن تي ٿيل قبضا هٽائي رهيا آهيون، قبضا ختم ڪرڻ لاءِ اڳواٽ نوٽيس جاري ڪيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.