ميهڙ واسي عورت کي هراسان ڪندڙ جوابدار عدالت مان گرفتار

فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج  دادو نديم بدر قاضي جي عدالت ميھڙ جي عبدالله ڪالوني واسڻ عورت مسمات ارشاد بيگم عباسي کي حراسان ڪرڻ ۔ غلط ڪم لاء بليڪ ميل ڪرڻ ۽ ڌمڪين واري ڪيس ۾ فريادڻ جي وڪيل نوجوان قانوندان شھزادو سوڍر جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار پيٽرول پمپ مالڪ اعجاز درياڻي کي 2 سال قيد ۽ 25 ھزار ڏنڊ جي سزا بحال ڪري ڇڏي ۔ ياد رھي ته ميھڙ جي ماڊل ڪورٽ جوابدار کي ساڳئي ڪيس ۾ سزا ڏني ھئي ، جوابدار جو ڪيس ڪرمنل عدالت دادو ۾ھلندڙ ھو۔ عدالتي فيصلي بعد پوليس جوابدار پيٽرول پمپ مالڪ اعجاز درياڻي کي گرفتار ڪري ورتو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.