ن ليگ ايم اين اي جاويد لطيف جي ضمانت جي درخواست منظور

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر جاويد لطيف جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي.

ايڊيشنل سيشن جج حفيظ الرحمان رياست مخالف بيان جي الزام جي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سيشن عدالت جاويد لطيف جي درخواست تي اڄ ئي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو پوءِ ٻڌايو ويو.

عدالت جاويد لطيف جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ آزادي لاءِ کيس 2-2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

جاويد لطيف جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست تي ڪُل 4 ٻڌڻيون ٿيون، کيس 27 اپريل تي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.