اسلام آباد: اسڪول ۾ بجلي نه هجڻ سبب گرمي لڳڻ جي ڪري 25 ٻار بيهوش

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملپور بارا ڪهو ۾ بجلي نه هجڻ سبب گورنمينٽ فيڊرل اسڪول ۾ 25 ٻار بي هوش ٿي ويا.

ذريعن موجب سخت گرمي ۾بجلي نه هجڻ سبب ٻارن جي نَڪ مان رت وهڻ شروع ٿي ويو هو، جنهن تي ٻارن تي مٿي تي پاڻي هاري رت روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوءِ ٻارن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ بجلي نه هجڻ جي شڪايت واپڊا سان ڪئي وئي پر بجلي بحال نه ٿي سگهي.

اسڪول ۾ ٻارن جو انگ 200 آهي ۽ بجلي نه هجڻ سبب ٻارن کي موڪل ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.