ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تاريخن جو اعلان ٿي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميٽرڪ ۽ انٽر جي سالياني امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ فيڊرل بورڊ چيئرمين قيصر عالم پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نائين کان ٻارهين جا امتحان 10 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين ٿيندا، ٻارهين ۽ ڏهين جا امتحان اڳ ۾ ٿيندا، جڏهن ته نائين ۽ يارهين جا امتحان پوءِ ٿيندا، امتحانن جي نتيجن جي بنياد تي ٻار يونيورسٽين ۾ داخلا وٺي سگهندا.

هن ٻڌايو ته ميٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ جا 3 لک 85 هزار کان وڌيڪ اميدوار آهن، ميٽرڪ جا 767 ۽ انٽرميڊئيٽ جا 385 سينٽر قائم ڪيا ويندا، ڪورونا سبب سليبس به گهٽ ڪيو ويو آهي، شاگردن جو دارومدار اختياري مضمونن تي هوندو آهي، ريگيولر شاگردن جو امتحان اختياري مضمونن ۾ ٿيندو ۽ جيڪي ٻار ٻيهر ٽيسٽ ڏيڻ چاهين ٿا، انهن جو امتحان به ائين ئي ٿيندو، انهن ٻارن جي ڊيٽ شيٽ نائين ۽ يارهين سان گڏ جاري ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته امپروومينٽ وارن ٻارن جو امتحان آگسٽ ۾ ٿيندو، پهريون ڀيرو امتحانن ۾ ڊجيٽل حاضري لڳندي، فيڊرل بورڊ جي ڊيش بورڊ تي ٻارن جي حاضري، غير حاضري جي خبر پئجي سگهندي، ڊجيٽل امتحانن جي انسپيڪشن به ٿيندي.

فيڊرل بورڊ چيئرمين چيو ته امتحانن جا پريڪٽيڪل نه پيا وٺون، ايندڙ امتحانن ۾ وٺنداسين، پريڪٽيڪل جا نتيجا هڪ ڪلاڪ ۾ وصول ٿي ويندا، امتحاني پيپر اي مارڪنگ ذريعي چيڪ ٿيندا، ان طريقي ڪار سان حقيقتون اچي وينديون، ڪوشش آهي ته 30 ڏينهن ۾ امتحانن جي نتيجن جو اعلان ٿي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.