بحريا ٽائون ڌرڻو ڪيس: رياض چانڊيو سميت ٻين جي ضمانت منظور

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون ڌرڻي ڪيس ۾ قوم پرست اڳواڻ رياض چانڊيو سميت ٻين جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت 25-25 هزار رپين جي مچلڪن عيوض جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، انڊيجينئس رائٽس الائنس جي اڳواڻ گل حسن ڪلمتي، جسم سربراهه خالق جوڻيجو، مراد بلوچ ۽ ٻين جي 7 ڏينهن جي عارضي ضمانت منظور ڪري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن کي 7 ڏينهن ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.