ڪورونا پابندين ۾ نرمي، آفيسن ۾ 100 سيڪڙو حاضري ۽ ڪاروبار هفتي ۾ 6 ڏينهن کولڻ جي اجازت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر ڪورونا وائرس سبب لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪري ڇڏي.

وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ماس ويڪسينيسن مهم لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي.

اين سي او سي جي پڌرائيءَ موجب سڀني سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ملازمن لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي، انهن کي 30 جون تائين ويڪسين لڳرائڻي پوندي، سڄي ملڪ ۾ ويڪسينيشن مرڪز 11 جون کان صبح 8 کان رات 10 وڳي تائين کليل رهندا، جڏهن ته آچر ڏينهن سينٽر بند هوندا.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 18 ورهين کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ واڪ ان ويڪسينيشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 11 جون کان 18 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو واڪ ان (ڪنهن به ويڪسينيشن سينٽر تي وڃي) ويڪسين ڪرائي سگهندا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ ڪاروبار هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن بند هوندو، ڪاروبار ڪهڙي ڏينهن بند رکڻو آهي، اهو فيصلو صوبا ڪندا، جڏهن ته 50 سيڪڙو ورڪ فرام هوم پاليسي ۾ به نرمي ڪئي وئي آهي، هاڻ آفيسن ۾ 100 سيڪڙو حاضري سان ڪم جاري رکي سگهبو.

اين سي او سي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ جي ٻه ڏينهن بندش ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافرن جي پابندي ۾ پڻ نرمي ڪئي وئي، هاڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 70 سيڪڙو مسافر ويهارڻ جي اجازت هوندي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مزارون ۽ سئنيما گهر في الحال بند رهندا، رڳو مخصوص نان ڪنٽيڪٽ راندين جي سرگرمين جي اجازت هوندي، ڪراٽي، باڪسنگ، مڪس مارشل آرٽ، رگبي، ڪوڏي ڪوڏي، ريسلنگ تي پابندي برقرار رهندي، فيسٽيولز، ثقافتي ۽ ٻين اهڙين تقريبن تي پابندي برقرار رهندي.

اين سي او سي چيو آهي ته ڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق جو طريقي ڪار جون جي آخر تائين جوڙيو ويندو، فيصلن تي عمل 15 جون کان ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.