واجد ضياءُ بدلي، ثناءُ الله عباسي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ڊائريڪٽر جنرل واجد ضياءَ جي بدلي ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب واجد ضياءَ جي جاءِ تي آءِ جي پوليس خيبر پختونخواهه ثناءُ الله عباسي کي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واجد ضياءَ کي ڊائريڪٽر جنرل نيشنل پوليس بيورو مقرر ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته  ثناءُ الله عباسي جي جاءِ تي معظم جاهه انصاري کي آءِ جي خيبر پختونخواهه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صلاح الدين خان کي ڪمانڊنٽ ايف سي مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.