صنعان قريشي دهشتگرد ٽوڙ عدالت پيش، ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

 

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) بحريا ٽائون اڳيان ڌرڻي کانپوءِ گرفتار ڪيل جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پيش ڪيو ويو ۽ عدالت ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي کيس ملير پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

صنعان قريشي کي ملير ڪينٽ پوليس بڪتربند گاڏي ذريعي عدالت پهچايو، جڏهن ته ملاقات لاءِ ايندڙن کي به بڪتربند گاڏي ۾ ئي ملاقات ڪرائي وئي.

جسقم چيئرمين جي عدالت ۾ پيشي وقت وڪيلن ۽ ڪارڪنن طرفان مٿس گل نڇاور ڪيا ويا، جڏهن ته واپسي دوران صنعان قريشي هٿ لوڏي ڪارڪنن کي نعرن جو جواب ڏنو ۽ فتح جو نشان ڏيکاريو.

عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صنعان قريشي چيو ته حوصلا بلند آهن، آخري پساهه تائين سنڌ جي حقن لاءِ جنگ جوٽينداسين، آئون ڪو چور يا ڌاڙيل ناهيان جو گهر تي چڙهائي ڪري بدمعاشي ڪئي وئي.

سندس چوڻ هو ته اسان سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري واٽ تي هلون ٿا، پوءِ به ڪارروائيون ڪيون ويون، ڌرڻي دوران وڳوڙ ڪندڙن سان اسان جو ڪو واسطو ناهي ۽ حملن جي مذمت ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.