ڪراچي: صنعان قريشي کي گرفتاري بعد گم ڪرڻ خلاف سنڌ ۾ هڙتال، احتجاج

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

صنعان خان قريشي جي گرفتاري ظاهر نه ڪرڻ خلاف جسقم جي مرڪزي سڏ تي سڪرنڊ ۾ مڪمل هڙتال رهي، ڊرٻ ميھر شاھ ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن حفيظ الله اڄڻ، حبيب ﷲ ،فقير ذوالفقار اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم جي سڏ ته شهر جون مک بازارون سونارڪي بازار، گهنٽاگهر چوڪ، شڪارپور روڊ سميت سڄو شھر بند رهيو جڏهن ته ڪارڪن والي ڏنو سنڌي، حفيظ مگسي ۽ سمعي ڪلوڙ  جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ ته ٽائيرن کا باهه ڏئي  ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، ٺري ميرواهه ۾ صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ قومپرست قيادت مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ايڊوڪيٽ راجا الطاف حسين شر، حاجن گل شر، عابد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺري ميرواھ شھر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميرپور ماٿيلي ۾ جسقم جي سڏ تي جزوي ھڙتال رهي جڏهن ته ڪارڪنن فقير رمضان ڪلوڙ، وحيد سنڌي، اڪرم ميتلو، حنيف سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قاضي احمد ۾ به جسقم جي سڏ تي مڪمل هڙتال رهي جڏهن ته ڪارڪنن پير نعيم، فقير ساجن ڪنڀر، ڪامريڊ ڏاڏو مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، کهڙا ۾ جسقم ڪارڪنن محمد علي اڄڻ، سيف سومري، نورمحمد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، گمبٽ ۾به  جسقم جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال رهي جڏهن ته ڪارڪنن گمبٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج مظاهرو ڪيو، کپري ۾ به جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف اڪبر مري، آزاد ڪنڀر، شوڪت بڙدي ۽ ٻين پاران ميونسپل ڪاميٽي کپرو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪمئپ قائم ڪئي وئي، ور شهر ۾ به جسقم، جئي سنڌ محاذ ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ بحريا انتظاميان پاران ڌرتي ڌڻين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جانو شاھ چوڪ تي ڪامريڊ راشد شاھ ڀاڏائي، فرحاد چانڊيو، سعيدو خان  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري، بحريا ٽائون انتظاميا پاران قومپرست قيادت تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سنڌو نواز گهانگرو، حمز چانڊيو، تبسم ميربحر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشورو بارڪائونسل جي وڪيلن پاران پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر سجاد چانڊيو سميت سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ايڊووڪيٽ حيدر انڙ، فهيم انڙ، جاويد ڪوهستاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميهڙ ۾ سنئير وڪيل سجاد چانڊيو سميت سنڌ جي قومي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ميھڙ بار جي جنرل سيڪريٽري امتياز پنھور، وڪيل عبدالخالق ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاجن کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون واري پرامن احتجاج بعد جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهر تي رياستي ادارن چڙهائي ڪري صنعان کي گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته بحريا ٽائون جي ونگار تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان ڪري رهي آهي جنهن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو، اڳواڻن چيو ته جسقم چيئرمين کي آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .هوڏانهن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ گم ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوثين قريشي پاران وڪيل محمد خان شيخ معرفت درخواست داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سخت تشدد بعد صنعان قريشي کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي جنهن جي حياتيءَ کي خطرو آھي، کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.