نوجوان گلوڪار ۽ موسيقار فرهاد همايون لاڏاڻو ڪري ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نوجوان گلوڪار، موسيقار ۽ مشهور آئيڪونڪ براڊ اوور لوڊ جو باني فرهاد همايون لاڏاڻو ڪري ويو.

فرهاد همايون جي لاڏاڻي جي افسوسناڪ خبر سندس آفيشل فيس بُڪ پيج ذريعي ڏني وئي ته هو اڄ صبح لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

پوسٽ ۾ گلوڪار جي موت جو ڪارڻ نه ٻڌايو ويو پر گهر ڀاتين تصديق ڪئي آهي ته هو دماغ جي ڪينسر ۾ مبتلا هو.

واضح رهي ته 2018 ۾ فرهاد همايون انڪشاف ڪيو هو ته هو برين ٽيومر جي مرض ۾ وٺجي ويو آهي ۽ بهترين سرجن ان جو آپريشن ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.